رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) چڪ ڀرسان بچل ڀيو واري علائقي ۾ ٻاجھي ڀرڙ جتوئي ۽ علي گل قادراڻي جتوئي ڌرين وچ ۾ ھلندڙ زميني تڪرار جو رستم ويجھو ڳوٺ محمد ابراھيم جتوئي ۾ جتوئي ھائوس تي ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي ۽ امير علي جتوئي پاران نبيرو ڪيو ويو، جنھن ۾ علي گل قادراڻي جي ڌر تي جھيڙي دوران قتل ٿيل واٽھڙو نوجوان خليل احمد ڪرسي جتوئي جي خون جو 25 لک رپيا ۽ ساڳئي مقتول خليل احمد ڪرسي جتوئي جي ڌر جي ھڪ وڌيڪ زخمي جا 5 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته نبيري دوران ٻاجھي ڀرڙ جتوئي واري ڌر تي قادراڻي ڌر جا ھڪ واٽھڙو شر ذات جي زخمي ٿيل نوجوان سميت 3 زخمي ثابت ٿيا، جنھن ۾ واٽھڙو زخمي جا 10 لک ۽ وڌيڪ ٻن زخمين جا 5-5 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ھڪ خون سميت ٻنھي ڌرين تي ٽوٽل ڏنڊ 50 لک رپيا مقرر ڪيو ويو، ٻئي طرف جھيڙي واري زمين ٻنھي ڌرين پاران 82 جريب ھجڻ جي تصديق ڪئي، جنھن بعد سرپئنچ پاران فتويٰ جاري ڪئي وئي ته 42 قادراڻي ۽ 40 جريب ڀرڙ جتوئين کي زمين وراست ڪري ڏني ويندي.ٻنهي ڌرين طرفان فيصلو قبول ڪيو ويو.