رستم(ن پ ا) رستم ويجھو ڳوٺ چمن سکپور ۾ چوريءَ جي معاملي تان ڏنڊا ھڻي قتل ڪيل پيرسن لڱو عطراڻي جتوئي جي خون جو علائقي جي چڱن مڙسن وٽ نبيرو ڪيو ويو، جنھن ۾ الزام هيٺ آيل ڌر الھه ڏنو عطراڻي واري ڌر تي 25 لک رپيا خون بھا ۽ پنج لک رپيا رھيل پراڻي قرض سميت 30 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنھن بعد جوابدار ڌر مقتول لڱو عطراڻي جي پٽ بديھل عطراڻي کي موقعي تي ھڪ لک رپيا ادا ڪيو، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ڏيڻ جي فتويٰ ٻڌائي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو ويو.