رستم (ن پ ا) رستم ويجھو ڪاري ڪلر واري علائقي ۾ قائم ڳوٺ جمن جاگيراڻي ۾ 25 ورھين کان ھلندڙ ڪارنھن تڪرار جي خاتمي لاءِ جھيڙيندڙ ٽنھي ڌرين پٺاڻ جاگيراڻي، جمن جاگيراڻي ۽ لشڪري جاگيراڻي وٽ علائقي جا چڱا مڙس پپن جاگيراڻي، انور علي مھر، مولابخش جاگيراڻي، خادم حسين جاگيراڻي، وزير علي مھر، عبدالنبي جاگيراڻي، الھڏنو چاچڙ ۽ غازي خان جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙمنٿ قافلو ڪري پھتا، آيل معززين کي ٽنھي ڌرين پاران مان ڏيندي ڳالھين ذريعي صلح ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، ان ڏس ۾ چڱن مڙسن جو چوڻ ھو تہ جھيڙيندڙ ڌرين عابد سندراڻي وٽ نبيرو ڪرڻ لاءِ راضپو ظاھر ڪري ورتو آھي، پر سندن فيصلي جي تاريخ مقرر ٿيڻ تائين ڌرين کي وڌيڪ اڳڀرائي نه ڪرڻ تي پاند ڪيو ويو آھي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪارنھن تڪرار تان ھلندڙ جھيڙي ۾ عورت سميت 7 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن.