رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو محمد آباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻاھران مرڻاڻي جتوئي ۽ مهر ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪڻڪ جو لابارو ڪندڙ ڳوٺ عامل مھر واسي 36 ورھين جي نوجوان محرم علي پٽ گل خان ڪرملاھي مھر کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد ٻنھي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، اطلاع تي ٻنھي ڌرين جا ھٿياربند پھتا ته ٽن ڪلاڪن تائين ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن دوران علائقي واسي گھرن تائين محدود ٿي ويا،ان حوالي سان مقتول نوجوان محرم علي مھر جي پٽ تاج محمد مھر ٻڌايو ته اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، جنھن سبب ھٿياربند منهنجي والد کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ھوڏانھن علائقي واسين جو چوڻ ھو ته جوابدارن پاران ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ وقت قتل ڪيل نوجوان جو لاش به قبضي ۾ وٺي ڇڏيو ھيو، جيڪو وارثن پاران راڄوڻي ڪوشش ذريعي ٽن ڪلاڪن بعد وصول ڪري خانگي لوڊر رڪشا ۾ کڻائي لکي غلام شاھ اسپتال منتقل ڪيو. جتان مقتول جو مڙھ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف محمد آباغ پوليس ٻڌايو ته واقعو مھر ۽ مرڻاڻي تڪرار تان ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
2 سئو ايڪڙ زمين تان تڪرار: 14 ڄڻا قتل ٿي چڪا
رستم: مرڻاڻي جتوئي ۽ مھر ڌرين ۾ تڪرار 2024ع جي فيبروري مھيني ۾ شڪارپور ۽ پني عاقل جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ قائم رضا ڳوٺ ۾ ٻه سئو ايڪڙ زمين جي مالڪي تان شروع ٿيو آھي، جنھن ۾ ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا ھڪ واٽھڙو مبين تورپيائي مھر سميت 14 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن، جنھن ۾ ڳوٺ عامل مھر واسي مقتول محرم مھر سميت رضا ڳوٺ واسي پنج جنگا مھر شامل آھن، جڏھن ته 7 مرڻاڻي جتوئي به مارجي چڪا آھن، جڏھن ته مبين تورپيائي مھر کي ڪجھه وقت اڳ جنگا مھر ڌر پاران مرڻاڻي جتوئي سمجھي اتفاق ۾ ڳوٺ عبدالغفور مرڻاڻي جتوئي ڀرسان قتل ڪري ڇڏيو ھو.
اسان جو تڪرار سان واسطو ناهي، بيگناهه پورهيت کي قتل ڪيو ويو: وارث
رستم: واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ھوڏانھن مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ ھو ته سندن جھيڙي سان ڪوئي تعلق ناھي جوابدارن جتوئي- مھر تڪرار جي آڙ ۾ بيگناھ پورھيت کي قتل ڪري ظلم ڪري ڇڏيو آھي.
مهر-جتوئي تڪرار جو جرڳو به ڪيو ويو هو پر ڌرين ۾ صلح نه ٿي سگهيو
رستم: 2024ع جي 14 نومبر جي ڏينھن سکر سرڪٽ ھائوس ۾ مھر جتوئي تڪرار جو جرڳو ڪيو ويو، جنھن ۾ ذريعن موجب رضا ڳوٺ جي ڪچي ۾ ھلندڙ مھر مرڻاڻي جتوئي تڪرار جو به خاتمو ڪرائڻ جي ڳالھه ڪئي وئي پر مليل ڄاڻ مطابق ھڪ بااثر رڪاوٽ بڻيون جنھن ڪري ڌرين ۾ صلح نه ٿي سگھيو، جنھن بعد واٽھڙو مبين تورپيائي مھر سميت ٻنھي ڌرين جا 5 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن، 14 نومبر کان يعني سکر سرڪٽ ھائوس ۾ ٿيندڙ جرڳي وقت 3 جنگا ۽ 6 مرڻاڻي جتوئي قتل ٿيل ھئا.
چونڊيل نمائندا، پوليس ۽ علائقي جا چڱا مڙس تڪرار ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام
رستم: زمين جي مالڪي تان ھڪ واٽھڙو نوجوان مبين تورپيائي مھر سميت ٻنھي ڌرين جا ھن وقت تائين 14 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن، پر انتظاميا تماشائي بڻيل آھي، جھيڙيندڙ ڌرين جا چڱا مڙس به امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا آھن.