رستم(ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد رستم_فيضو روڊ تان پنج ڏينھن اڳ اغوا ٿيل ٺل واري علائقي جي ڳوٺ مراد سرڪي واسي نوجوان ضمير احمد سرڪي کي شڪارپور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي،  جنھن ڪري مغوي نوجوان جي وارثن ڳڙھي حسن پھچي چيف ذوالفقار علي خان سرڪي سان ملاقات ڪري کيس اپيل ڪئي ته سندن نوجوان جي اغوا ٿيڻ کي پنج ڏينھن گذري چڪا آھن پر لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس سندس بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي، مغوي نوجوان جي وارثن کي ذوالفقار علي سرڪي پاران ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ سان رابطو ڪري نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي، مغوي جي ڀاءُ عبدالجبار سرڪي موجب پوليس ڀاءُ کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، پريشان آهيون، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڀاءُ کي بازياب ڪرايو وڃي.