رستم(ن پ ا)رستم ڀرسان محمدآباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ جامي قبو لنڪ روڊ تي خيرات وٺندڙ سکر واسي ٻن کدڙا فقيرن مھوش ۽ صنم فقير کي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن پاران مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اطلاع تي محمدآباغ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻنھي ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. ان ڏس ۾ فقيرن جو چوڻ ھو ته ھٿياربندن پاران مبينا طور ساڻن پھريان ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي مزاحمت ڪرڻ تي مٿن تشدد ڪرڻ بعد کين اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اطلاع تي پوليس پھچي کين اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. فقيرن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته محمدآباغ کان خيرات وٺي واپس سکر وڃي رھيا ھئاسين ته واقعو پيش آيو نوٽيس وٺي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.