رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجهو محمد آباغ شهر ۾ پنج ڏينهن اڳ قتل ڪيل نوجوان عبدالقدير سومرو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن مين بازار کان اسماعيل سومرو چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي وارثن دانهيندي چيو ته محمد آباغ ٿاڻي جي ايس ايچ او سندن نوجوان کي قتل ڪرائڻ ۾ ملوث آهي، مقتول نوجوان جي وارثن انڪشاف ڪيو آهي ته محمد آباغ ٿاڻي جي اي ايس آءِ ممتاز سومرو کي ايس جو چارج ڏني وئي آهي، وارثن وڌيڪ چيو ته ايس ايچ او پئسا وٺي اسان جي 19 ورھين جي ڳڀرو نوجوان کي قتل ڪرايو آھي، نوجوان جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن کي پوليس موبائل ۾ کڻي واقعي واري هنڌ کان ڪچي منتقل ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آھي، ھنن وڌيڪ الزام ڏنو ته محمد آباغ ٿاڻي تي مقرر ڪيل ايس ايچ او ممتاز سومرو مشڪوڪ مزاج جو ماڻھو آھي، هن سوچ مقتول کي انصاف ڏيارڻ بدران قاتلن جي سھولتڪاري ڪرڻ آھي، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن جي سھولتڪاري ڪندڙ ايس ايچ او محمد آباغ ممتاز سومري خلاف ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪري مقتول نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.