رستم(ن پ ا) رستم ويجھو ڪوٽ شاھو واري علائقي مان ٻن الڳ واقعن ۾ اغوا ٿيل 11 مغوي بازياب نه ٿيا، جنھن ڪري مغوين جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آھي، ھٿياربندن پاران 27 جنوري جي ڏينھن پورھيت ڪاموري اوڏ ۽ سندس ڇھ ورھين جي پٽ انصاف اوڏ کي اغوا ڪري ورتو ھو، جڏھن ته ساڳئي ڪوٽ شاھو واري علائقي مان 11 فيبروري جي ڏينھن ڪرمپور واسي 9 پورھيتن کي به اغوا ڪيو ويو، جنھن ۾ سھيل شيخ رمضان  سندس ڀاءُ جمعي چاچڙ سميت ھزارو نديم حضور بخش امام علي ملڪ ۽ ٻيا شامل آھن، سمورن مغوين کي ڌاڙيلن پاران ڏڪ بند واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري ڪوٽ شاھو ۽ ناپرڪوٽ پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائيندي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي قدم نه کنيا آھن ۽ نه وري اغوا واقعن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، ٻئي طرف سمورن مغوين جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آھي، سندن چوڻ آھي ته في الفور نوٽيس وٺي سمورن اغوا ٿيل پيارن کي بازياب ڪرايو وڃي.