رستم (ن پ ا)رستم لڳ ڳوٺ محمد آباغ واسي نوجوان اياز پٽ خدا بخش سومرو ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو، مارجي ويل اياز سومري جي وارثن خدا بخش سومري ۽ سجاد سومرو ٻڌايو ته سندن نوجوان ڪراچي ڪمائڻ لاءِ ويو ھو جنھن بعد اسان پھچي اياز سومري جي لاش جي سڃاڻپ ڪئي آھي، هنن احتجاج ڪندي  ۽ شڪ  ظاهر ڪيو آھي ته اسان جي نوجوان کي پوليس پڪڙي ماريو  آھي   وڏو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪن.