رستم (ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد رستم فيضو روڊ تان 21 نومبر تي اغوا ٿيل ٺل واسي مزدا ڊرائيور ضمير احمد سرڪي کي شڪارپور پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي،  ڌاڙيلن پاران مغوي جي وارثن کي پنجاھ لک رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ واري ڪال رڪارڊنگ پڻ وائرل ٿي وئي آھي، جنھن ۾ ڌاڙيل واضح طور مغوي نوجوان جي ڀاءُ عبدالغفار سرڪي کان پنج ڏينھن اندر پنجاھ لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن، مغوي نوجوان جي ڀاء پاران غريب ھجڻ ڪري معصوم نياڻين جي واسطي نوجوان کي آزاد ڪرڻ جي اپيل ڪري ٿو تہ ھٿياربند کيس ڌمڪي ڏيندي چون ٿا ته پنج ڏينھن اندر پنجاھ لک رپيا ڀنگ نه مليو ته مغوي کي ماري درياھ ۾ لوڙھي ڇڏينداسين، مغوي نوجوان جي وارثن وس وارن کان مطالبو  ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.