رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ٿاڻي جي حد رستم- فيضو روڊ تي اربع واري ڏينھن ڦر دوران پوليس جي مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار مرتضيٰ ڪمالاڻي جو لاش ۽ سندس زخمي ٻن جوابدار ساٿين ادر علي ميراڻي ۽ سعدالله عرف سعدو ڪمالاڻي کي ھٿ ڪرڻ ۾ پوليس ٻئي ڏينھن به ناڪام وئي، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوھاري جو لاش توڙي زخمي سندس ٻنھي ساٿين کي ھٿ ڪرڻ لاءِ مرزا واري علائقي ۾ ڳوٺ سوڍو ڪمالاڻي ۽ ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي تي چڙھائي ڪري علائقي کي ڪڙو ڏنو ويو پر ڏوھاري مارجي ويل ھٿياربند جو لاش پھريان ئي ڳجھ ڳوھ ۾ دفن ڪري چڪا ھئا، جنھن ڪري ھٿ اچي نه سگھيو، ٻئي طرف پوليس ذريعن جو چوڻ ھو تہ پوليس جي آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ اڌ ڪلاڪ تائين مقابلو ٿي پيو ھو، جنھن وقت پوليس ڏوھارين جي ٽڪاڻن کي نشانو بڻائي گولا فائر ڪيا پر آخري اطلاعن تائين ڏوھارين جي نقصان ٿيڻ جا ڪو به اطلاع نه مليو، ھوڏانھن پوليس مقابلي جو رستم ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ لونگ منگي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سرڪار پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ ٽوٽل 17 جوابدار نامزد ڪيا ويا آھن، جنھن ۾ 7 ڄاتل جوابدار شامل آھن، ڪيس ۾ مارجي ويل جوابدار مرتضيٰ عرف مرتو ڪمالاڻي سندس زخمي ٻئي ساٿي نادر ميراڻي ۽ سعد الله عرف سعدو ڪمالاڻي سميت ملنگ سعدخاناڻي مٺل سعدخاناڻي، واجد عرف واجو سومرو ۽ اڪرم عرف اڪرو کوسو کي نامزد ڪيو ويو آهي.