رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) رستم لڳ گم ٿيل پنجاب جي علائقي سنجرپور واسي چڱي مڙس محمد صادق مھر ۽ سندس ڪار ڊرائيور ڪليم ميراڻي سميت ٽن ڄڻن جي اغوا جي تصديق ڪئي وئي آهي، ان ڏس مغوي محمد صادق مھر جي پٽ مهراب مهر پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته والد محمد صادق مھر رابطو ڪري ڀنگ ڏئي بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي، هن چيو ته بابا جو چوڻ ھوته ڏوھاري 32 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن، ڀنگ نه ڏيڻ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ماري ڇڏيندا،مھراب مھر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب جي علائقي خانپور ڪٽورو واسي مائٽ عبدالخالق عرف گنديلو مھر به ساڳئي وقت گم ٿيل ھو، جيڪو به محمد صادق مھر ۽ ڪليم ميراڻي سان گڏ اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آھي،ڏوھاري مغوين جا 32 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن، جنھن ۾ اوڻويھه لک رپيا محمد صادق مھر، پنج لک رپيا عبدالخالق عرف گنديلو مھر ۽ اٺ لک رپيا سندن ڪار ڊرائيور ڪليم ميراڻي جا طلب ڪيا ويا آھن،  هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.