رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ويجھو قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس داخل نه ٿيو، 12 ڪلاڪن بعد لاش ڊاٽسن ۾ منتقل، ان ڏس ۾ رستم ويجھو محمد آباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عامل مھر ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان ادريس مرڻاڻي جتوئي واري واقعي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ نوٽيس ورتو، مقتول نوجوان جو لاش 12 ڪلاڪن کانپوءِ واقعي واري ھنڌ تان کڻائي ڊاٽسن ذريعي شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي نوجوان جو لاش کڻائي ڳوٺ محمد معروف مرڻاڻي کڻائي ويا، نوجوان جو مڙهه گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس موجب نوجوان کي رضا ڳوٺ جي ڪچي ۾ ھلندڙ جتوئي مرڻاڻي ۽ جنگا مھر تڪرار تان قتل ڪيو ويو آھي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون، ٻي طرف فائرنگ دوران زخمي ٿيل مقتول جي ڀاڄائي (ر) زال فاروق مرڻاڻي جتوئي کي شڪارپور سول اسپتال مان طبي امداد بعد سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.