رستم(ن پ ا) رستم جي ڪچي مان شڪارپور پوليس پاران ڳوٺ ڦوسا آباد واسي پيرسن عبدالله سولنگي کي بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي وئي، ان ڏس ۾ پوليس ٻڌايو ته پيرسن جي اغوا بابت به کين پھريان ڪڏھن وارثن پاران اطلاع نه ڪيو ويو ھو،ھنن ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي محمد آباغ جي ڪچي ۾ قائم ڳوٺ ڦوسا آباد واسي اغوا ٿيل پيرسن عبدالله سولنگي کي بازياب ڪرائي ورتو ۽جنھن بعد بازياب ڪرايل پيرسن کان تفصيل ورتا وياته ھن ٻڌايو ته کيس ڏھ ڏينھن اڳ ھٿياربندن پاران اغوا ڪيو ويو ھو.