رستم(ن پ ا)رستم ٿاڻي جي حد رستم چڪ روڊ تان ڏھ ڏينھن اڳ اغوا ٿيل رستم واسي پورھيت حبدار علي سولنگي سندس ڀاء سردار احمد سولنگي ۽ سندن ٽئين ساٿي غلام رسول مھر کي شڪارپور پوليس پاران ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي وئي، ان ڏس ۾ ٽنھي پورھيتن جي وارثن پاران به تصديق ڪئي وئي تہ سندن پيارن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو آھي، ھوڏانھن ذريعن جو چوڻ آھي ته ٽنھي مغوين جي بازيابي راڄوڻي ڪوشش ذريعي ٿي آھي.