رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي ۾ هڪ ڏينهن اڳ ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيل ٻن نارين جي قتل جا ٻه الڳ الڳ سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا، جنھن ۾ چئن سڃاتل جوابدارن سميت 8 ھٿياربند شامل ڪيا ويا،مقتولا ناري اياز زال دائم ڪمالاڻي جو قتل ڪيس اي ايس آءِ رفيق پٺاڻ جي فرياد تي مقتولا جي ڀاءُ امير علي ڪمالاڻي ۽ پيءُ قائم الدين ڪمالاڻي سميت ٻن اڻڄاتل ھٿياربندن خلاف داخل ڪيو ويو، جڏھن ته مقتولا ناري نواب زال شھزادو ڪمالاڻي جو قتل ڪيس پوليس عملدار عبدالواحد بروھي جي فرياد تي مقتولا ناري جي مڙس شھزادو ڪمالاڻي ۽ شير ڪمالاڻي سميت ٻن اڻڄاتلن خلاف داخل ڪيو ويو، فريادين پاران الڳ الڳ داخل ڪيل ايف آءِ آر موقف اختيار ڪيو ته ٻنھي نارين کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي، ٻي طرف ذريعن موجب مقتولا ٻنھي نارين کي بنا جنازي نماز ادا ڪرڻ جي ڳوٺ ڀرسان ھڪ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جوابدارن گرفتاري ڏيڻ بدران رستم پوليس کي مقامي بااثر جي معرفت 25 لک رپيا رشوت ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏيو آهي، ذريعن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته ناريون ٽن ڏينهن تائين جوابدارن وٽ يرغمال بڻيل هيون جنهن جي پوليس کي خبر هئي پر پوليس جوابدارن سان ڊيل ڪري معاملو لڪايو، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ نارين کي يرغمال بڻائڻ جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي.
مقتولا ڳورهاري هئي، پيٽ ۾8 مهينن جو ٻار به مارجي ويو
رستم : مقتولا مسمات ايازان زال دائم الدين ڪمالاڻي جي قتل ڪيس ۾ فريادي اي ايس آءِ رفيق پٺاڻ پاران انڪشاف ڪيو ويو آھي ته ناري ايازان زال دائم الدين ڪمالاڻي ڳورھاري ھئي، کيس جوابدارن پاران پُٺي پويان فائر ڪيا ته ناري جو 8 مھينن جو ٻار ضايع ٿي ويو، فريادي مطابق اھڙي تصديق مقتولا ناري جي وارث عورتن لالا ڪمالاڻي ۽ ڪشمير ڪمالاڻي به ڪئي ته مقتولا ناری ڳورھاري ھئي.
|
واقعي بعد الزام هيٺ آيل ڌر ڳوٺ مان لڏو کڻي فرار، گرفتاري نه ٿي
رستم : واقعي بعد الزام ھيٺ آيل ڌر ڳوٺ مان لڏو کڻي ڳجھي ھنڌ منتقل ٿي وئي، ۽ مليل ڄاڻ مطابق ته گذريل ڏينھن نبيرو ڪرڻ لاءِ الزام مڙھيندڙ ڌر ڏئي ميڙ منٿ قافلو آندو ويو پر جوابدار ڌر في الحال ڳالھيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ٻٽي قتل جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم
رستم : ھڪئي وقت ٻن نارين کي قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ناصر آفتاب پٺاڻ پاران نوٽيس ورتو، ۽ ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کي ھدايت جاري ڪئي وئي ته جلد ڪيس داخل ڪري ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.