ڪشمور (رپورٽر) پنجاب جي کروڙ ڪچي واري علائقي ۾ ايليٽ فورس ۽ مبينا ڏوهارين ۾ مبينا مقابلي دوران پنجاب پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري راڻو سيلرو ۽ سندس اوطاق تي ترسيل مھمان مشڪي ڀيو کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊي پي او رحيم يار خان موجب مختلف ڪيسن ۾ گهربل راڻو سيلرو جي گهر تي چڙهائي دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو، جوابي فائرنگ ۾ راڻو ۽ سندس ساٿي مشڪي ڀيو مارجي ويا ۽ ٽي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جن کي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو  آهي. علائقي واسين موجب راڻو سيلرو سيلرا برادري جو چڱو مڙس ھو، جنھن مٿان سولنگي برادري طرفان سولر پليٽون پٽڻ جو الزام لڳائيندي پنجاب پوليس وٽ فرياد ڪئي ھئي، پوليس چڙهائي کان اڳ راڻو سيلرو گرفتاري پيش ڪرڻ پئي چاهي پر پوليس اٽالن گهر تي چڙهائي دوران مٿس سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مھمان ٿي آيل مشڪي ڀيو سميت مارجي ويو. ٻئي پاسي پنجاب پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري راڻو سيلرو مٿان سنگين ڪيس ھئا ۽ سرڪار طرفان انعام مقرر ٿيل ھو.