رائونتي/ ڪمون شهيد (نمائندن وٽان) سکر – ملتان ويندڙ موٽروي تي رحيم يار ويجھو ظاھر پير انٽر چينج وٽ خوفناڪ حادثو، 12 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ ماڻھو  زخمي. گذريل رات دير سان ظاھر پير انٽر چينج وٽ تيز رفتار ھاءِ روف گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، ان دوران مسافرن کي ڪڍڻ لاءِ روڊ تي بيٺل ماڻھن مٿان تيز رفتار مسافر گاڏي چڙهي وئي. نتيجي ۾ 8 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، وڌيڪ ٻن ڄڻن زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏھن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٻڌايا وڃن ٿا. اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري ھنڌ پھچي ويون. زخمي مسافرن کي مختلف اسپتالن ڏانھن علاج لاءِ موڪليو ويو. پوليس ابتدائي طور ستن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آھي پر ڪنهن به فوتيءَ جو فوري طور نالو معلوم نه ٿي سگهيو هو.