خانپور(رپورٽ: عاصم دايو) خانپور ويجهو رحيم آباد رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ڪيتري عرصي کان ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون عملي سميت غير حاضر هجڻ سبب مريضن کي علاج ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن، اسپتال ۾ 3ميل ڊاڪٽر ۽ 3 في ميل ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ڊيوٽي تان ڪيتري عرصي کان وٺي حاضري مسٽرول ۾ غير حاضر ڄاڻايل آھن، ان حوالي سان اسٽاف نرس نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ھتي ٽي ميل ڊاڪٽر ۽ ٽي في ميل ڊاڪٽرن جا آرڊر ٿيل آھن پر ڪيتري عرصي کان ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ ناهن ايندا، ڪيترائي ڀيرا ڊي ايچ او کي شڪايتون به ڪيون ويون پر عمل نه ٿي سگهيو آهي، هن چيو ته مان اسٽاف نرس آھيان ڊاڪٽرن جي نه ھجڻ ڪري ايندڙ مريضن جو چيڪ اپ ڪري دوا ڏيندو آھيان، جڏهن ته ڄاڻ موجب اسپتال ۾ ايڪسري مشين ڪيترن ئي سالن کان خراب پيل آھي، اسپتال جي ليبارٽري کي به تالا لڳل آهن، ٻي طرف ڳوٺاڻن فاروق پياسي، شعيب شاھ، جاويد کٽي، بابل شر، عبدالجبار ڀٽي، عبدالقدير پھوڙ، مقصود سومرو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ايڪسري مشين سالن کان خراب پيل آهي ليبارٽري جي اڻھوند آھي، جنهن سبب علاج ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن، هوڏانهن اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف سيد شعيب شاھ، فاروق احمد، عبدالجبار ڀٽي ۽ ٻين طرفان اڄ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي.