ايران- اسرائيل جنگ هاڻ انهن چئن ٿنڀن تي اچي بيٺي آهي، جتي هاڻ پوري دنيا بحث ۾ لڳي وئي آهي ته هي ڇا ٿي ويو، ڇا ٿي رهيو آهي ۽ هاڻ جيڪا غير يقيني صورتحال آهي، ان جو انت ڪهڙو ٿيندو؟ اها ته حقيقت آهي ته جنگين ۾ هميشه ٻه قدم اڳيان ته ٻه قدم پويان هٽڻو پوندو آهي، ان ۾ اوهان کي ڪاميابي لاءِ وقت به گهربل هوندو آهي، ته ان جون ٻيون ضرورتون به پوريون ڪرڻيون هونديون آهن. آڳاٽي زماني ۾ جنگيون گهوڙن تي چڙهي تلوارن سان وڙهيون وينديون هيون، پر دنيا جيئن جيئن ترقي ڪندي پئي وڃي ته انهن جنگين جا طريقا به مٽبا پيا وڃن. جيتوڻيڪ هن وقت دنيا ايتري ترقي ناهي ڪئي پر پوءِ به هاڻ اهڙين جنگين ۾ پيادي فوج جي گهٽ ضرورت پئي ٿئي، ان جي جا تي ٽيڪنالاجي جنگ وڙهي رهي آهي، جنهن ۾ انفرميشن ٽيڪنالاجي هراول دستي طور ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ملڪن جي سربراهن کي منجهائي ڇڏيو آهي ته اتي عوام به پريشان ٿي ويو آهي ته هر پل نئين خبر اچي ٿي، هاڻ ڇا ٿيندو.
1967ع تي اسرائيل سان مصر، شام، اردن، عراق ۽ ٻين عرب ملڪن جي جنگ ٿي. جنهن ۾ اسرائيل آمريڪي مدد سان ان جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري مصر جي سينا واري ريگستان، شام جي گولان وارن پهاڙن ۽ اردن جي ايسٽ يروشلم ۽ ويسٽ بينڪ وارن علائقن تي قبضو ڪري ورتو. پر بعد ۾ 1973ع ۾ مصر ۽ شام اوچتو اسرائيل تي حملو ڪري پنهنجون زمينون واپس وٺي چڏيون. ان جنگ ۾ مصر سوئز ڪئنال پار ڪري سينا ۾ داخل ٿي ويو. انور سادات جي ڪامياب جنگي حڪمت عملي تي اسرائيل ۽ آمريڪا پريشان ٿي ويا، بعد ۾ صدر انور سادات سفارتڪاري واري ميدان ۾ به آمريڪا کي مات ڏني. بعد ۾ 1979ع ۾ ڪيمپ ڊيوڊ ڳالهين ۾ مصر اسرائيل کان سينا واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان بعد ئي آمريڪا فيصلو ڪيو ته شام ۽ مصر ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪجي، جنهن ۾ هاڻ ٽيهارو سالن بعد هو ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ اتي انهن جون ڪٺ پتليون حڪومتون هلي رهيون آهن. ان جنگ بعد اسرائيل عربن کي سوڙهو ڪري مارڻ شروع ڪيو. عربن تيل جي دولت تي عياشيون ڪيون پر اسرائيل جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ان وقت ميڊيا ايتري سگهاري نه هئي، نه ئي هر ماڻهو جي هٿ ۾آيل سوشل ميڊيا هئي. هاڻوڪي اسرائيل- ايران جنگ 12 ڏينهن هلي، ان جي ميدان جنگ ۾ عربن واري خطي مان صرف هڪ فارسي ملڪ ايران هو ته ٻئي پاسي اڄوڪي جديد ٽيڪنالاجي سان مالا مال اسرائيل، ۽ دنيا جا سپر پاور ملڪ آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني ۽ ٻيا گڏ هئا. تيل سان مالا مال عرب ملڪ به انهن سان گڏ بيٺل هئا. جنگ شروع ٿي، هر ڪو گهرن ۾ ويهي ٽي وي تي ڏسي رهيو هو ته اڄ ٿو ايران تباهه ٿئي ۽ سڀاڻي ٿا اسان جا وارا نيارا ٿين.
دنيا جي هر ماڻهوءَ کي خبر آهي ته آمريڪا اسرائيل کانسواءِ گرهه به ناهي کائيندو. آمريڪا جي هر فورم ۾ اسرائيلي سيڙپڪاري ٿيل آهي. تازي اليڪشن ۾ به اسرائيلي فنڊنگ جون خبرون دنيا جي اخبارن ۾ رپورٽ ٿي چڪيون آهن. هاڻ ان جنگ جي حوالي سان به پاڻ ئي ٻڌائين پيا ته هنن ڏهاڪو سالن کان ايران جي قيادت کي ختم ڪرڻ، اتان جي حڪومت جو خاتمو آڻي، سعودي عرب، قطر، اردن، شام، مصر، عراق جيان پنهنجي ڳيجهو حڪومت ٺاهي، اتان ڏکڻ ايشيا جي نقشي ۾ شامل ٿي، چين جي رستا روڪ ڪري دنيا تي قبضو ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي هئي. ان پلان تحت ئي هنن پهرين ايران جي حامي فلسطين ۾ حماس، الجهاد، لبنان ۾ حزب الله، شام ۾ بشار الاسد، عراق ۾ شيعا مليشيا ۽ يمن ۾ حوثي ويڙهاڪن کي ختم يا ڪمزور ڪري پوءِ ايران تي ڪو نه ڪو بهانو بڻائي ان کي ختم ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڪنهن حد تائين هو ڪامياب به ٿيا آهن. ڏهاڪو سالن جي محنت سان اسرائيل جي ڳجهي اداري موساد آمريڪي آشيرواد سان ايران جي انٽيليجنس سروس ۾ گهڙي ۽ فوجي يونٽن ۾ اندر وڃي پنهنجو نيٽ ورڪ ٺاهي، ڪاميابي سان نه صرف ايراني هٿياربند فوج جي اهم اڳواڻن کي شهيد ڪيو، پر ان سان گڏ انهن جي ايٽمي پروگرام جي اهم سائنسدانن کي به رستي تان هٽائي ڇڏيو. يورپي ملڪن ۽ آمريڪا جي جديد سوين جنگي جهازن سان تهران سميت ٻين ڪيترن ئي ايراني شهرن تي بمباري ڪري، سوين شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. شهر کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ان سڄي ڪارروائي ۾ پوري عالمي برادري صرف هڪ ڪاغذ تي چئن اکرن وارو “حملا بند ڪريو” وارو بيان جاري ڪري رلي پائي سمهي پئي.
ايران جي تاريخ تي روشني وجهبي ته هن جا ڪيترائي ايڊونچر سامهون ايندا، اها دنيا جي مضبوط جنگي حڪمت عملي واري فوج رهي آهي، جنهن رومن ايمپائر کي به ٽوٽا چٻائي ڇڏيا هئا. هنن جا عربن سان صدين کان جهيڙا هلندا رهيا آهن. سوين جنگيون ٿيون آهن، لکين ڪروڙين ماڻهو ماريا ويا آهن، ويجهڙ واري تاريخ ۾ عراق سان 8 سالن واري جنگ هر ڪنهن کي ياد آهي، هر جنگ ۾ نقصان ٿيندو ئي آهي، پر هنن سان وري ٻٽي ويڌن آهي، هنن جو پنهنجو ته نقصان ٿئي ٿو، وري پوري دنيا هنن کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ هٿ بند ڪري ڇڏيندي آهي. پر هي وري پنهنجي پيرن تي اٿي پاڻ، کي مالي، معاشي ۽ فوجي لحاظ کان منظم ڪري وري اسرائيل کي للڪاري ٿا ويهن. شيعا مذهبي حڪومت جي خاتمي واري خواهش به مغرب وارن جي پوري نه پئي ٿئي. جنگين کان تباهه حال ايران تي جڏهن صيهوني يلغار ٿي ته هنن وٽ فضا ۾ پنهنجو بچاءُ ڪرڻ وارا ڪي هٿيار ئي نه هئا. هنن جيڪي ميزائل تيار ڪيا، انهن جي آڌار تي دشمن کي جواب ڏيڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ انهن 12 ڏينهن ۾ اسرائيل جي اهم شهرن تل ابيب، حيفا، شيبا جو نقشو ئي مٽجي ويو، ائين پيو لڳي ڄڻ هي غزه وانگر اسرائيل هٿان کنڊر ڪيل شهر آهن. ايران، اسرائيل جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ صرف انهن ٽن شهرن کي ان ڪري نشانو بڻايو، جو انهن جو موقف آهي ته انهن تي اسرائيل ناجائز قبضو ڪيو آهي، اهي اڄ به فلسطين جو حصو آهن، انهن کي خالي ڪيو وڃي. حيفا جي آئل ريفائنري، بندرگاهه، ايئر ڊفينس سسٽم، فوجي اڏا، ايٽمي سائنس جا مرڪز ۽ ٻيا ٺڪاڻا مِٽي جو ڍير ڪري ڇڏيا. آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون. جيتوڻيڪ اسرائيل هر قسم جي ميڊيا تي بندش هڻي ڇڏي هئي، پر هر ماڻهو جي هٿ ۾ آيل سوشل ميڊيا واري فون انهن جي پت وائکي ڪري ڇڏي، جنهن کي هو روڪي نه سگهيا، دنيا ڏسي رهي هئي. صيهونين خيال خواب ۾ به ايڏي تباهي نه ڏٺي، نيٺ دنيا جي حيران پريشان صدر ٽرمپ کي وچ ۾ آڻي ان تباهي کي روڪڻ لاءِ جستجو شروع ڪري ڇڏي.
جيتوڻيڪ ان جنگ ۾ ايران جو بنيادي جنگي ڍانچو گهڻي حد تائين تباهه ٿي ويو، پر تاريخ ۾ اسرائيل ايتري تباهي نه ڏٺي، هزارين اسرائيلين يورپي ملڪن ڏانهن ڀاڄ کائڻ شروع ڪئي. اسرائيل ۾ حڪومت توڙي مخالف ڌر جو نيتن ياهو تي جنگبندي لاءِ دٻاءُ وڌي ويو، جنهن صدر ٽرمپ سان هنگامي رابطا ڪري ورتا. آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نيتن ياهو جنگبندي لاءِ ڪو رستو ڪڍڻ جو چيو، جنهن تي سي اين اين توڙي، نيويارڪ ٽائمز خبر ڏني ته صدر ٽرمپ ٻن هفتن جو وقت ڏنو هو، پر ان مٿان دٻاءُ وڌي ويو ته فورن ڪجهه ڪريو، جنهن تي بيڪ ڊور ڊپلوميسي تحت ايراني اڳواڻن سان سندن حامي روس، چين ۽ ٻين ملڪن جي مدد سان رابطا ڪيا ويا. ان بعد آمريڪا ايران جي ٽن ايٽمي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي، وري قطر جي معرفت نيتن ياهو جي اپيل تي صدر ٽرمپ سان رابطو ڪري جنگبندي لاءِ اپيل ڪئي وئي، اهو سڀ ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي ٿيو. آمريڪي ۽ روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان ۾ ايران کي ئي صلاح ڏني وئي ته عوام ۾ ساک کي بحال رکڻ لاءِ اوهان ڀل قطر جي ايئر بيس تي حملا ڪريو. هاڻ رپورٽون اچي رهيون آهن، ته اهو سڄو ڊرامو سوچيل سمجهيل پلان تحت ڪيو پئي ويو، جئين اسرائيل کي ڪنهن وڏي تباهي کان بچائي سگهجي.
ميڊيا ٽيڪنالاجي، انفرميشن ۽ ڊس انفرميشن واري ان جنگ ۾ ميدان جنگ جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ٽيڪنالاجي ايتري سگهاري ٿي وئي آهي ته دنيا جي سپر پاور آمريڪا جو صدر نيويارڪ ٽائمز جي صحافين کي نوڪرين مان ڪڍڻ جون اپيلون ڪري رهيو آهي، ڇو جو انهن جي خبرن جي ڪري ئي آمريڪي سي آءِ اي ۽ اسرائيلي انٽيليجنس موساد جي ويهارو سالن واري پلاننگ تي پاڻي ڦِري ويو آهي، اڃا اها جنگ هلي پئي، اڳتي ڪهڙا راز فاش ٿيندا، اها اڳتي خبر پوندي، ڇو جو هاڻ روز نه پر ڪلاڪن ۾ صورتحال تبديل ٿي رهي آهي. بهرحال ايران اسرائيل جنگ 21 صدي جو اهڙو باب بڻجي وئي آهي، جيڪو دنيا جي سامهون سامراجي ظلم، ميڊيا جي منافقت ۽ اسلامي دنيا جي خاموش غلامي کي وائکو ڪري ٿي. اسرائيل، جيڪو آمريڪا جي ٽيڪ ۽ پنهنجي طاقت تي ناز ڪندي سمجهيو پئي ته هو هر مخالفت کي چٿي ڇڏيندو، اهو ايران جي همت، فڪر ۽ فڪر تي ٻڌل مزاحمتي حڪمت عملي اڳيان بيوس ٿي ويو. ايران، جنهن جي خلاف سالن کان سازشون، دهشتگردي، پابنديون، ۽ سياسي گهيرابندي ڪئي وئي، اُن دشمنن جي دل تي ايئن وار ڪيو، جو سندن ڀرم، برتري، ۽ بارودي غرور جا بنياد لڏي ويا. اهو به واضح ٿي ويو ته، اسرائيل جي رياستي دهشتگردي ڪنهن به سچ کي هميشه لاءِ دفن نٿي ڪري سگهي. هاڻ سوال رڳو امن جو نه، پر انصاف، آزادي، ۽ سامراجي قوتن خلاف نئين عالمي مزاحمت جو آهي، جنهن جي واٽ ايران پنهنجي قربانين سان روشن ڪري ڇڏي آهي.