اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن 166 رجسٽرڊ سياسي پارٽين جي نئين لسٽ جاري ڪري ڇڏي. رجسٽرڊ پارٽين ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف به شامل آهي پر ان جو سربراهه وارو خانو خالي رکيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ هن وقت 166 سياسي پارٽيون رجسٽرڊ آهن. گذريل هفتي اليڪشن ڪميشن 13 پارٽين کي ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو هو.