ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت قرباني جي کلن بابت ضابطه  اخلاق جاري ڪري ڇڏيو، گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪو به شخص، تنظيم يا ادارو ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي اجازت کانسواءِ کلون گڏ نٿو ڪري سگهي، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر يقيني بڻائيندا ته رڳو رجسٽرڊ فلاحي ادارا ۽ تنظيمون ئي کلون گڏ ڪن، کلون گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيمپ قائم ڪرڻ  ۽ بينر لڳائڻ تي به پابندي هوندي، جڏهن ته گاڏين تي جهنڊا ۽ لائوڊ اسپيڪر لڳائڻ تي به بندش هوندي، کلون جمع ڪرڻ وقت اجازت نامو گڏ رکڻ لازمي آهي، پابندي مڙهيل تنظيمون ٻئي ڪنهن نالي سان کلون گڏ نه ڪنديون، نوٽيفڪيشن موجب عيد جي ٽنهي ڏينهن دوران گهرو کاتي طرفان هٿيارن جي نمائش بابت حڪم معطل رهندا،