اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت طرفان پروف آف رجسٽريشن (پي او آر) ڪارڊ رکندڙ افغان پناهگيرن جي پاڪستان ۾ قيام ۾ 3 کان 6 مهينا واڌ تي غور ڪيو پيو وڃي. پي او آر ڪارڊ رکندڙ افغان مهاجرن جي قيام ۾ 6 مهينن جي واڌ جي تجويز ڪابينا ڏانهن موڪلي ويندي. پي او آر ڪارڊ رکندڙ افغان مهاجرن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزارت سيفران، پرڏيهي وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ سيڪيورٽي ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي او آر ڪارڊ رکندڙ افغان مهاجرن جي قيام ۾ 3 کان 6 مهينن جي واڌ تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب پي او آر ڪارڊ رکندڙ افغان مهاجرن جي قيام ۾ 6 مهينن جي اضافي واري جي تجويز ڪابينا ڏانهن موڪلي ويندي. اهڙا افغان شهري به موجود آهن، جيڪي پاڪستان ۾ پيدا ٿيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي او آر ڪارڊ رکندڙ مهاجرن جا ڪاروبار ۽ ملڪيتون پاڪستان ۾ موجود آهن، جن کي پراپرٽيز وڪرو ڪرڻ ۽ ڪاروبار بند ڪرڻ لاءِ وقت گهربل آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال پاڪستان مان وڏي انگ ۾ افغان مهاجرن کي واپس افغانستان موڪليو ويو آهي، افغانستان جي حڪومت پاڪستان کان افغان مهاجرن جي نيڪالي لاءِ ڪجهه مهلت ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي. پاڪستاني حڪومت افغان سٽيزن ڪارڊ (اي سي سي) رکندڙن سميت سڀني غير قانوني غير ملڪي ماڻهن کي 31 مارچ تائين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو. افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙن جا تفصيل، ڪرائيدار، مزدور ۽ ڪاروبار ڪندڙ افغان شهرين جي اسڪريننگ ٿيڻي هئي.