ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رجسٽرڊ افغانين کي تنگ ڪندڙ 3 پوليس اهلڪار گرفتار، ڪيس داخل، ايس ايس پي اوڀر عرفان بھادر موجب سائيٽ سپر هاءِ وي واري علائقي ۾ پوليس اهلڪارن رجسٽرڊ غيرملڪين کي حبس بيجا ۾ رکيو، اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ٽنهي اهلڪارن ديدار، الله بخش ۽ انور کي گرفتار ڪيو ويو آھي. گرفتار اهلڪارن ۽ مفرور سب انسپيڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪنهن به پوليس آفيسر ۽ اهلڪار کي اها اجازت نه ڏني ويندي ته هو غيرملڪين کي تنگ ڪري.