ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي ڊرامي جي اداڪار حمزه علي عباسي چيو آهي ته اسانجي معاشري ۾ ڪنهن جي ڳالهه جو غلط مطلب ڪڍي هنگامو ڪيو ويندو آهي يوٽيوبر رجب بٽ سان به ائين ئي ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري هو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هڪ طرف عوام کي بيانن ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي پر مذهبي طبقي کي به نرمي ۽ درگذر کان ڪم وٺڻ گهرجي. معاملو ڊگهو ڪرڻ بدران ختم ڪرڻ بهتر آهي. هن چيو ته هاڻ اداڪاري کي ديني حد بندين اندر ڏسندو آهيان.