لاهور (شوبز نيوز) مشهور يو ٽيوبر رجب بٽ جي سالگره تي ڪيڪ ڪٽڻ وقت اوچتو ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ست ڄڻا زخمي ٿي پيا. گذريل ڏينهن رجب جي سالگره جي موقعي تي اهو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو. ميڊيا رپورٽن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ رجب بٽ جا ڪجهه دوست زخمي ٿي پيا آهن، جن کي معموني زخم رسيا آهن.رجب جي زخمي دوستن کي اسپتال مان ملم پٽي ڪرائي وئي. هن اڻوڻندڙ واقعي وقت رجب بٽ ٽڪ ٽاڪ تي لائيو هو. ان ڪري سندس سمورن مداحن به اهو واقعو لائيو ڏٺو. ڌماڪو گيس واري ڦوڪڻي جي ڦاٽڻ جي ڪري پيش آيو جڏهن رجب جي هڪ دوست باهه لاءِ لائيٽر ٻاريو ته ڦوڪڻي کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ اتي باهه ڀڙڪي پئي.ياد رهي ته يوٽيوبر جا ستارا اڄ ڪلهه گردش ۾ آهن. گذريل مهيني سندس شادي کان پوءِ کان وٺي يوٽيوبر سان هڪ ٻئي پويان اڻوڻندڙ واقعا پيش اچي رهيا آهن. لائيو وڊيو تي ڌماڪي وارو واقعو ڏسي ڪيترن ئي واهپيدارن ۽ يوٽيوبر جي پرستارن ساڻس همدردي جو اظهار ڪيو آهي.