رتوديرو(ن پ ا) رتوديرو واسي نوجوان ياسر علي خاصخيلي ڪراچي جي ليبر اسڪوائر مان پر اسرار طور لاپتا ٿي ويو آهي. ياسر خاصخيلي جو  ذهني توازن درست ناهي  هو گذريل رات 12 وڳي ليبر اسڪوائر مان گهران نڪري ويو وري واپس ناهي موٽيو. پسگردائي جي سمورن ٿاڻن تي اطلاع ڏنو ويو آهي ،ڀاءُ سجاد خاصخيلي ٻڌايو ته ياسر علاج سانگي ڪراچي آيل هيو جتان گذريل رات پراسرار نموني گم ٿي ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادار  ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪن.