رتوديرو (ن پ ا) رتيديري جي ڀٽا وانڍ پاڙي وارڊ نمبر هڪ جي عمران ڪالوني جي رهواسين گندي پاڻي جي نيڪال واري ڪراس جو ڪم بند ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي گلاب پريو,ٖ سفير ميمڻ، اختيار علي ڪنڀر، غلام سرور سولنگي، عبد الله گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته گندي پاڻي جو نيڪال لاءِ ڪراس منظور ڪرايو هو، ڪم هلي رهيو هو پر علائقي جي بااثر ماڻهن ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي، احتجاج ڪندڙن چيو ته بااثر ڪراس جي ڪم لاءِ اسان کان 2 لک رپيا گهري رهيا آهن، گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب بيمارين منهن ڪڍيو آهي، اچ وڃ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هنن ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته گندي پاڻي جي نيڪال واري ڪراس جو بند ڪرايل ڪم شروع ڪرايو وڃي.