رتوديرو(ن پ ا) رتيديري ڀرسان ڦر واقعو ، متاثرن جو ٿاڻي آڏو احتجاج، رتوديرو ٿاڻي جي حد واري علائقي بولو بروهي لاڙي وٽ اڻ سڃاتل هٿيار بندن ٽن موٽر سائيڪل سوارن پوليس اهلڪار محمد رمضان ، جواد ۽ الله نواز سولنگي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 50 هزار رپيا روڪ ، 3 موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثرن واقعي خلاف رتوديرو ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن دانهيندي چيو ته بد امني ۾ واڌ ٿي وڃڻ سبب ماڻهو غير محفوظ بڻجي ويا آهن، ڦرلٽ جا واقعا عام ٿي ويا آهن، هنن چيو ته پوليس اهلڪار محمد رمضان سولنگي ڪراچي ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي جيڪو عيد ڪرڻ لاءِ آيل هيو اسان رتوديرو کان موٽر سائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ وارثڏنو ماڇي وڃي رهيا هئا سون ته رستي ۾ اسان کان 3 ڦورو ڦر ڪري ڦر فرار ٿي ويا. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.