رتيديري ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، پيرسن مارجي ويو

0
192
گهوٽڪي ڀرسان موٽروي تي ڌاڙيلن جي ڪاهه، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، 5 زخمي، 2 ڄڻا اغوا
گهوٽڪي ڀرسان موٽروي تي ڌاڙيلن جي ڪاهه، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، 5 زخمي، 2 ڄڻا اغوا

رتوديرو (رپورٽر) رتيديري جي وچ  شهر ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، پيرسن مارجي ويو، رتيديري جي وچ شهر ۾ ريسٽ  هائوس ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن قتل ٿي ويو

مقتول جي سڃاڻپ ڳوٺ وارياسي جي رهواسي محمد رحيم جکراڻي طور ٿي، رتوديرو پوليس لاش تعلقي اسپتال کڻائي آئي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

مقتول جي ڀائيٽي جو چوڻ آهي ته اسان جو پنهنجي برادري وارن سان پراڻو تڪرار هلندڙ هو جنهن سبب منهنجي چاچي کي قتل ڪيو ويو آهي

پيرسن کي قتل ڪندڙ جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پيرسن جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي

هي به پڙهندا

پوليس عملدار ڏوهارين کي گوليون پهچائيندا آهن: ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو