رتوديرو(ن پ ا) رتوديرو ۾ گڊز ٽرانسپورٽرن پاران موٽر وي پوليس جي ڏاڍ ۽ غير قانوني خانگي ڪانٽن وارن جي آزار خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي، راجا غلام حيدر عمراڻي، مير شمس شهواني، نورجهان شهواني، حاجي لياقت مسعود، بختيار خان، عاشق علي ميراڻي، حاجي اڪبر علي بروهي، عجب نور ساسولي، نادر علي جلباڻي ۽ ٻين چيو ته ڪيتري وقت کان وٺي اسان گڊز ٽرانسپورٽرن سان مسئلا هلندڙ آهن، جنهن ۾ موٽروي پوليس ۽ خانگي ڪانٽن وارن جو وڏو آزار آهي، رتوديرو کان ڪراچي تائين هلندڙ موٽروي تي هٿ ٺوڪيا قانون ۽ قلم اسان مٿان لاڳو ڪيا ويا آهن، موٽروي پوليس وارا بنا جواز تنگ ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اڄ 23 فيبروري تي  ڪمون شهيد وٽ پرامن ڌرڻو هڻنداسين.