رتوديرو(ن پ ا) رتيديري ۾ منشيات جي سرعام وڪري ۽ ٻين سماجي براين جي روڪٿام لاءِ سول سوسائٽي پاران ٻئي ڏينهن به رتوديرو پريس ڪلب اڳيان 3 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، اڳواڻن حبيب سنڌي ، نعيم اوڍو، عرفان خروس، عابد سومرو، عبدالرحيم شر، عبدالرزاق جلباڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ منشيات جا سرعام اڏا هلي رهيا آهن، جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري سماجي برائيون ختم ڪرايون وڃن.