رتوديرو(ن پ ا) رتيديري ۾ عورت جو پٽ سميت بااثرن خلاف احتجاج، ميونسپل روڊ شاهي بازار جي رهواسڻ عورت فريدا خاتون پنهنجي پٽ عبدالغفار آرائين سان گڏ رتوديرو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته منهنجي نالي شهر جي مک بازار ۾ ٻه دڪان آهن جن مان هڪ دڪان تي بااثر ۽ ٻئي دڪان تي منهنجو ڀاءُ زبردستي پنهنجو قبضو ڄمايون ويٺا آهن گذريل ڪيترن ئي ورهين کان منهنجي دڪانن تي قبضو ڪيو ويو آهي بااثر منهنجي دڪانن تان قبضو ختم ڪرڻ بدران منهنجي پٽ عبدالغفار کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري سندس جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي، وري هاڻي موتمار ڌمڪيون به اسان کي ڏئي رهيا آهن، منهنجن دڪانن تي قبضو ڪندڙن مون سان وڏو ظلم ڪيو آهي، دڪانن جي مسئلي جو سول ڪورٽ ۾ پڻ ڪيس هلي رهيو آهي، مان اهڙي ناحق جي دانهن پوليس کي به ڏني آهي پر پوليس به مان عورت جو ڪو تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو وڃي.