رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ۾ سڱاوتي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نينگر ۽ نوجوان قتل، 2 عورتون زخمي، ان ڏس ۾ رتوديرو شهر جي گھڻ آبادي واري پاڙي نادر شاهه ۾ سناڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تان جھيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ بشير سناڻي جو رهواسي 10 ورهين جو نينگر فياض علي پٽ بخش علي سناڻي ۽ ڳوٺ بهادر سناڻي جو رهواسي 25 ورهين جو شوڪت علي پٽ پاخار علي سناڻي موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته 2 عورتون جمال خاتون ۽ گل بخت خاتون گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيون، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش ۽ زخمي ٿيل عورتن کي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻنهي مقتولن جا لاش سندن گھرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن رتوديرو پوليس موجب ته ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ سڱاوتي مسئلي تان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.