رتوديرو (رپورٽ: عبد الله ڀٽو) رتيديري ۾ نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ، چنگچي ڊرائيور قتل، وارثن جو چوڻ آهي ته جيها ڏاهاڻي تڪرار تان همراهه کي قتل ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، تفصيل موجب شهر جي مک علائقي مين بس اسٽينڊ تي نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري محمد ھاشم ڀٽي پاڙي جي رھواسي چنگچي ڊرائيور 30 ورھين جي عبدالغفار پٽ عبدالرزاق جيھو کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو ۽ موقعي تي وجود ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، اطلاع تي رتوديرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تعلقه اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي سئوٽ نثار جيهو ٻڌايو ته جيها ڏاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار تان همراهه کي قتل ڪيو ويو، هن چيو ته اسان جو ان تڪرار سان ڪو به واسطو ناهي، نوجوان کي بيگناهه قتل ڪري ظلم ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.