رتوديرو (ن پ ا ) رتوديرو جي گھڻ آبادي واري علائقي چاندني چوڪ پاڙي ۾ 50 ورھين جي حسين بخش پٽ رحيم بخش بروھي کي بجلي جو ڪرنٽ لڳو جنهن کي وارث تعلقه اسپتال رتوديرو کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ان سلسلي ۾ فوتي جي وارثن ٻڌايو ته حسين بخش چاندني چوڪ تي چوپائي مال جي واڙي تي پاڻي وارو موٽر ھلائي رھيو ھيو جنهن مان کيس بجلي جو ڪرنٽ لڳو جنهن سبب ھو فوت ٿي ويو آھي.