رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري ۾ اسڪولي شاگردن لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جي شاگردن عاطف گهانگهرو، نعمت جوڻيجو، عبدالرقيب گهانگهرو، عمير شيخ ۽ ٻين چيو ته اسڪول جي وقت ۾ سڄو ڏينهن بغير ڪنهن سبب جي بجلي بند رهي ٿي، هنن چيو ته بجلي بند ٿيڻ سبب اسان جي پڙھائي سخت متاثر ٿي رهي آهي، شاگرد سخت مشڪلاتن کي منهن پيا ڏين، شاگردن مطالبو ڪيو ته هٿرادو لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.