رتوديرو(ن پ ا) رتيديري جي هريجن ڪالوني جو رهواسي 16 ورهين جو نينگر ڪرشنا پٽ فقير چند ڪپڙن واري استري مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، وارثن طرفان نينگر کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ هيو ته گهر ۾ ڪپڙا استري ڪندي نينگر کي بجلي جو ڪرنٽ لڳي ويو.