رتوديرو (ن پ ا ) رتيديرو جي شھزاد ڪالوني جي رھواسي اياز جيھو جي معصوم نياڻي 3 ورھين جي عائشه رتوديرو- لاڙڪاڻو روڊ تي واقع گندي نالي ۾ ٻڏي وئي، ڏيڍ ڪلاڪ بعد نينگري کي نالي مان ڪڍي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، رياض جيھو صحافين کي ٻڌايو ته ڀائيٽي گهران نڪري وئي ھئي جنهن جي اسان ڪافي ڳولھا ڪئي پر ڪٿان به خبر نه پئي بعد ۾ سندس جو لاش گندي نالي مان مليو، ھن چيو ته گندن نالن مٿان ڍڪ نه ھجڻ سبب واقعو پيش آيو آھي.