رتوديرو (رپورٽ: عبدالله ڀٽو) رتوديرو جي وچ شھر ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري معصوم پٽ جي اکين اڳيان سندس پورهيت پيءُ نادر شاهه پاڙي جي رهواسي پاڻي جي نلڪن ٺاهڻ جي مستري 45 ورهين جي برڪت علي پٽ علي نواز سومرو کي قتل ڪري ڇڏيو ، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، وارثن طرفان مقتول جو لاش رکي رتوديرو_ لاڙڪاڻو روڊ وٽ انڊس ھاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، مقتول جي وارثن گلاب علي ، انور علي ، منور علي ، جاويد علي، عبدالمجيد سومرو ۽ ٻين چيو ته اسان جي پورهيت کي بيگناهه قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيوته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو واقعي جو نوٽيس ورتو، لاڳاپيل پوليس عملدارن کي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جون هدايتن ڏنيون. پوليس موجب واقعو نلڪو لڳائڻ جي مسئلي تان پيش آيو آهي، مقتول جو جوابدارن سان مزدوري جي معاملي تان جهيڙو ٿيو هيو.