نئون ديرو /رتوديرو (نمائندن وٽان) رتوديرو ڀرسان ڇت تي سمهڻ جي معمولي ڳالھه تان سئوٽ ھٿان مبينا طور نوجوان سئوٽ پوليس سامھون قتل ڪيو ويو آھي، رپورٽ موجب ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ تقي کٽياڻ ۾ گهر جي ڇت تي سمهڻ تان جوابدار خالد کٽياڻ پنهنجي سئوٽ 32 ورهين جي عمران کٽياڻ کي بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، نوجوان کي زخمي حالت ۾ وارثن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمن جا تاب نه سھندي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف پوليس جوابدار خالد کٽياڻ کي هٿيار سميت گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ڊي ايس پي نئون ديرو شاھجھان شاھ ٻڌايو ته گهر جي ڇت تي سمھڻ تان مقتول جي سئوٽ کي اعتراض ھو، جنھن تان جوابدار کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، ٻئي پاسي مقتول جي چاچي عارف کٽياڻ ٻڌايو ته مقتول جو ڀاءُ سھيل ڇت تي سمھندو ھو، جنھن تي جوابدار کي اعتراض هو، هن چيو ته معمولي ڳالهه تان سئوٽ نوجوان کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.