رتيديري ڀرسان چورن جي مبينا فائرنگ ۾ ڀاڳيو قتل

0
52
رتيديري ڀرسان چورن

رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ويجهو گهر مان چوري  دوران مزاحمت تي چورن جي  فائرنگ ۾ ڀاڳيو قتل ٿي ويو آھي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي تھ ڳوٺ نيڪ محمد بروهي ۾ اڻڄاتل  چور خميسو بروهي جي گهر ۾ گهڙيا  ته گهرڀاتي جاڳي پيا

ڳوٺاڻن موجب مزاحمت ڪرڻ تي چور گوليون هڻي33  ورهين جي خميسو بروهي کي  قتل ڪري فرار ٿي ويا

جڏھن تھ مقتول جو لاش تعلقي اسپتال مان  ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، ڳوٺاڻا ۽ پوليس چورن جي پٺيان روانا ٿي ويا آھن

ھي به پڙھندا

رپڙي ڀرسان پاڻي جي واري تان 2 ڳوٺاڻا مارجي ويا