رتوديرو(ن پ ا) رتوديرو ڀرسان ٽول پلازا وٽ ٿيل روڊ حادثي ۾ رتوديرو جي ڀٽا وانڍ پاڙي جو رهواسي پوليس اهلڪار 46 ورهين جو حبيب الله پٽ گل حسن جتوئي زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻو جي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هيو جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو فوتي پوليس اهلڪار جو مڙه تعلقه اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ويو ان سلسلي ۾ فوتي پوليس اهلڪار جي ڀاءُ محمد قاسم جتوئي ٻڌايو ته اسان کي ڪابه ڄاڻ ڪونه آهي ته حادثو ڪيئن ٿيو آهي، اسان پنهنجي گهر ويٺا هئاسون ته اطلاع مليو واقعي واري هنڌ پهتاسين ته منهنجو ڀاءُ زخمي حالت ۾ هيو جنهن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻو کڻائي ويا، سين جتي سندس جو آپريشن به ٿيو پر هو زندگي جي جنگ هارائي ويو ، هن چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيجز سامهون آڻي واقعي جي جاچ ڪئي وڃي.