رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ڀرسان ڳوٺ احمد خان جلباڻي ۾ هٿيار بندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي انصار جلباڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي سئوٽ نبي بخش جلباڻي ٻڌايو ته مقتول جو پنهنجي ذات وارن سان سڱاوتي جي مامري تي مسئلو هلندڙ هيو جنهن جون ڳالهيون به ٿيون هيون ۽ هن ڏنڊ به ڀري ڏنو هيو ان باوجود به کيس قتل ڪيو ويو.