رتوديرو (ن پ ا ) رتوديرو ڀرسان ڳوٺ لھڻو کوکر ۾ 5 ڏينھن اڳ زمين جي مسئلي تان کوکر برادري جي ٻن ڌرين چاچن ۽ ڀائٽين وچ ۾ زمين جي مسئلي تان ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 45 ورھين جو رشيد عرف شاھنواز پٽ علي گل کوکر زخمن جا سور نه سھندي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي پوري ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ان سلسلي ۾ فوتي جي مامي انور کوکر ميڊيا کي ٻڌايو ته 5 ڏينھن اڳ زمين جي مسئلي تان نصير محمد ۽ حضور بخش لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي پنهنجي ڀائٽي رشيد عرف شاھنواز ۽ ٻين کي زخمي ڪيو ھيو جن کي اسين علاج لاءِ لاڙڪاڻي کڻائي ويا ھياسين جتي اڄ رشيد کوکر فوت ٿي ويو جڏھن ته فوتي جو لاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.