رتوديرو (ن پ ا )رتيديري جي اسڪول ۾ سائنس ، آرٽ ۽ ثقافتي نمائش منعقد ، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ماڊل ٺاهيا ويا : تفصيل موجب رتوديرو ۾ تعليم کاتي پاران شهر جي پرائمري اسڪول نمبر 2 ۾ سائنس ، آرٽ ۽ ثقافتي نمائش منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ تعلقي جي 46 گرلز ۽ پرائمري اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻن پاران شرڪت ڪري مختلف ماڊل ٺاهي انهن جا اسٽال لڳائي اهي پيش ڪيا ويا نمائش ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين اعجاز لغاري ، اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو ڪائنات شيخ ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر لاڙڪاڻو انيس الرحمٰن جلباڻي ، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي رتوديرو منير احمد جلباڻي ، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر رتوديرو عبدالڪريم ڪرٽيو ، ٽي اي او فيميل رتوديرو عابد ٽڳڙ ، ڊائريڪٽر پرائيويٽ انسٽيٽيوشن ريجن لاڙڪاڻو فوزيا ناز منڱريو ، پرائمري اسڪول 2 جي هيڊ ماستر تراب علي ابڙو شرڪت ڪئي ان موقعي تي مهمانن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙن نمائشن لڳڻ سان شاگردن ۾ اتساه پيدا ٿئي ٿو شاگرد تجربا ڪري ان مان پرائن ٿا هي نمائش منعقد ڪرڻ سان شاگردن ۾ تعليم پرائڻ جو چاه پڻ وڌي ٿو ۽ تعليم جي ميدان ۾ شاگرد اڳڀرا ٿين ٿا.