رتوديرو(ن پ ا) رتيديري جي اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي جي مبينا لاپرواهي سبب ويم لاءِ آيل ناري فوت، وارثن جو احتجاج، تعلقه اسپتال ۾ ويم لاءِ آيل 22 ورهين جي دعا بتول زال عبدالجبار فوت ٿي وئي، ناري جي وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن سجاد، عابد حسين ٿهيم ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان 22 ورهين جي دعا بتول زال عبدالجبار کي ويم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو کڻي آيا هئاسين جتي موجود ڊيوٽي ڊاڪٽرياڻي چيو ته آپريشن ٿيندو ان ڪري جلدي رت جو بندوبست ڪريو اسان آپريشن لاءِ ڊاڪٽرياڻي کي رت به مهيا ڪري ڏني پر ڊاڪٽرياڻي رت ملڻ باوجود به اها اسان جي عورت کي نه لڳائي، عورت جي سنڀال ڪرڻ بدران ڊاڪٽرياڻي ڪچهري ڪرڻ ۾ مصروف هئي، هنن الزام هڻندي چيو ته ڊاڪٽرياڻي جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب ناري فوت ٿي وئي آهي، ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.