رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو ڀرسان ڳوٺ سمندر گوپانگ جي رهواسي ڳوٺاڻن پاران رتوديرو جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر نه هجڻ ۽ مريضن کي ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف اسپتال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،احتجاج ڪندڙ خالد ، محمد رفيق ، نديم ، محمد اسحاق ، مولوي نور احمد ، عمير احمد گوپانگ ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ ۾ زمين ۾ ڀاڻ ڇٽيندي اسان جي همراهه صبغت الله گوپانگ جي طبيعت اچانڪ خراب ٿي پئي، جنهن کي اسان ايمرجنسي ۾ رتوديرو جي سرڪاري اسپتال ۾ علاج لاءِ کڻائي آياسين،اسپتال ۾ مريض کي ڏسڻ لاءِ ڪوبه ڊاڪٽر موجود ڪونه هيو، جنهن سبب سندن مريض تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي طرف سرڪاري اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر سيد شاه حسين کان موقوف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر ايم ايس موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ايم ايس سيد شاهه حسين جو چوڻ هو ته موقف نه ڏيندس جيڪو وڻي اهو لکو.