ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ، رتيديري واسي اهلڪار شهيد، پوليس موجب جوبلي ۾ مامون برياني ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار ايوب گهانگهرو کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جومڙهه سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، رتيديري جي ڳوٺ ڀائي خان جو رهواسي ايوب گهانگهرو چاڪيواڙا ٿاڻي تي مقرر ٿيل هو، جوبلي مارڪيٽ ۾ سامان وٺڻ آيو هو، اهلڪار جيئن سامان وٺي نڪتو ته 2جوابدارن کيس نشانو بڻايو، ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ جوابدار کي برقعو پاتل هو، جنهن کي برقعو پاتل هو، اها عورت هئي يا مرد هو؟ جاچ ڪريون پيا، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، ٻئي طرف گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سٽي عارف عزيز کي جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت ڪئي