رتوديرو ڀرسان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل نينگر دم ڏئي ڇڏيو

0
268

رتوديرو(ن پ ا) رتوديرو ڀرسان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل نينگر دم ڏئي ڇڏيو، ٽي مهينا اڳ جويا ۽ سيانچ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جڳهه جي اڏاوت تان جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين پاران فائرنگ جي نتيجي ۾ مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل 08 ورهين جو ٻارڙو مزمل پٽ سڄڻ جويو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو ، ياد رهي ته ان تڪرار ۾ هڪ سيانچ ڌر جو قتل ٿي ويو هو ۽ 03 ڄڻا زخمي ٿيا هئا .